Loading surah...
Back to Sindhi Quran
111 Ayahs • Meccan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ الٓر ۚ تِلْكَ ءَايَٰتُ ٱلْكِتَٰبِ ٱلْمُبِينِ
الرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.
إِنَّآ أَنزَلْنَٰهُ قُرْءَٰنًا عَرَبِيًّۭا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو.
نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ أَحْسَنَ ٱلْقَصَصِ بِمَآ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ هَٰذَا ٱلْقُرْءَانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبْلِهِۦ لَمِنَ ٱلْغَٰفِلِينَ
(اي پيغمبر) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان ڏاڍو چڱو قصّو توکي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ تون ھن کان اڳ بيشڪ بي خبرن مان ھئين.
إِذْ قَالَ يُوسُفُ لِأَبِيهِ يَٰٓأَبَتِ إِنِّى رَأَيْتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًۭا وَٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ رَأَيْتُهُمْ لِى سَٰجِدِينَ
(ياد ڪر) جڏھن يوسفؑ پنھنجي پيءُ کي چيو ته اي ابا مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا انھن کي ڏٺم ته مون کي سجدو ٿا ڪن.
قَالَ يَٰبُنَىَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلَىٰٓ إِخْوَتِكَ فَيَكِيدُوا۟ لَكَ كَيْدًا ۖ إِنَّ ٱلشَّيْطَٰنَ لِلْإِنسَٰنِ عَدُوٌّۭ مُّبِينٌۭ
(يعقوبؑ) چيو ته اي منھنجا پٽ پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته تولاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي.
وَكَذَٰلِكَ يَجْتَبِيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأْوِيلِ ٱلْأَحَادِيثِ وَيُتِمُّ نِعْمَتَهُۥ عَلَيْكَ وَعَلَىٰٓ ءَالِ يَعْقُوبَ كَمَآ أَتَمَّهَا عَلَىٰٓ أَبَوَيْكَ مِن قَبْلُ إِبْرَٰهِيمَ وَإِسْحَٰقَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ عَلِيمٌ حَكِيمٌۭ
۽ اھري طرح تنھنجو پالڻھار توکي سڳورو ڪندو ۽ توکي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت توتي ۽ يعقوبؑ جي اولاد تي اھڙي طرح پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
۞ لَّقَدْ كَانَ فِى يُوسُفَ وَإِخْوَتِهِۦٓ ءَايَٰتٌۭ لِّلسَّآئِلِينَ
بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن.
إِذْ قَالُوا۟ لَيُوسُفُ وَأَخُوهُ أَحَبُّ إِلَىٰٓ أَبِينَا مِنَّا وَنَحْنُ عُصْبَةٌ إِنَّ أَبَانَا لَفِى ضَلَٰلٍۢ مُّبِينٍ
جڏھن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بن يامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) ڏاڍي ٽولي آھيون، بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي.
ٱقْتُلُوا۟ يُوسُفَ أَوِ ٱطْرَحُوهُ أَرْضًۭا يَخْلُ لَكُمْ وَجْهُ أَبِيكُمْ وَتَكُونُوا۟ مِنۢ بَعْدِهِۦ قَوْمًۭا صَٰلِحِينَ
(ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو.
قَالَ قَآئِلٌۭ مِّنْهُمْ لَا تَقْتُلُوا۟ يُوسُفَ وَأَلْقُوهُ فِى غَيَٰبَتِ ٱلْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ ٱلسَّيَّارَةِ إِن كُنتُمْ فَٰعِلِينَ
منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو.
قَالُوا۟ يَٰٓأَبَانَا مَا لَكَ لَا تَأْمَ۫نَّا عَلَىٰ يُوسُفَ وَإِنَّا لَهُۥ لَنَٰصِحُونَ
(يعقوبؑ کي) چيائون ته اي بابا توکي ڇا ٿيو آھي يُوسفؑ جي نسبت ۾ توکي اسان تي ھن ھوندي به ڪو ڀروسو نٿو ٿئي جو اسين سندس خيرخواہ آھيون.
أَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًۭا يَرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَإِنَّا لَهُۥ لَحَٰفِظُونَ
سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون.
قَالَ إِنِّى لَيَحْزُنُنِىٓ أَن تَذْهَبُوا۟ بِهِۦ وَأَخَافُ أَن يَأْكُلَهُ ٱلذِّئْبُ وَأَنتُمْ عَنْهُ غَٰفِلُونَ
(يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو.
قَالُوا۟ لَئِنْ أَكَلَهُ ٱلذِّئْبُ وَنَحْنُ عُصْبَةٌ إِنَّآ إِذًۭا لَّخَٰسِرُونَ
چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون.
فَلَمَّا ذَهَبُوا۟ بِهِۦ وَأَجْمَعُوٓا۟ أَن يَجْعَلُوهُ فِى غَيَٰبَتِ ٱلْجُبِّ ۚ وَأَوْحَيْنَآ إِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمْرِهِمْ هَٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.
وَجَآءُوٓ أَبَاهُمْ عِشَآءًۭ يَبْكُونَ
۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.
قَالُوا۟ يَٰٓأَبَانَآ إِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوسُفَ عِندَ مَتَٰعِنَا فَأَكَلَهُ ٱلذِّئْبُ ۖ وَمَآ أَنتَ بِمُؤْمِنٍۢ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صَٰدِقِينَ
چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.
وَجَآءُو عَلَىٰ قَمِيصِهِۦ بِدَمٍۢ كَذِبٍۢ ۚ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ أَنفُسُكُمْ أَمْرًۭا ۖ فَصَبْرٌۭ جَمِيلٌۭ ۖ وَٱللَّهُ ٱلْمُسْتَعَانُ عَلَىٰ مَا تَصِفُونَ
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.
وَجَآءَتْ سَيَّارَةٌۭ فَأَرْسَلُوا۟ وَارِدَهُمْ فَأَدْلَىٰ دَلْوَهُۥ ۖ قَالَ يَٰبُشْرَىٰ هَٰذَا غُلَٰمٌۭ ۚ وَأَسَرُّوهُ بِضَٰعَةًۭ ۚ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِمَا يَعْمَلُونَ
۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائون وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) وٿ سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ آھي.
وَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۭ بَخْسٍۢ دَرَٰهِمَ مَعْدُودَةٍۢ وَكَانُوا۟ فِيهِ مِنَ ٱلزَّٰهِدِينَ
۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا.
Page 1 of 6 (111 ayahs)