Loading surah...
Back to Sindhi Quran
52 Ayahs • Meccan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ الٓر ۚ كِتَٰبٌ أَنزَلْنَٰهُ إِلَيْكَ لِتُخْرِجَ ٱلنَّاسَ مِنَ ٱلظُّلُمَٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ بِإِذْنِ رَبِّهِمْ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَمِيدِ
الٓرٰ، ھي ڪتاب آھي جو (اي پيغمبر) اُھو اسان توڏانھن ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته ماڻھن کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍين، (۽) سندس رب جي حُڪم سان انھي ساراھيل جي واٽ تي آڻين.
ٱللَّهِ ٱلَّذِى لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَوَيْلٌۭ لِّلْكَٰفِرِينَ مِنْ عَذَابٍۢ شَدِيدٍ
جنھن جو اُھو (سڀئي) آھي جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، ۽ سخت عذاب جي خرابي انھن ڪافرن لاءِ آھي.
ٱلَّذِينَ يَسْتَحِبُّونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا عَلَى ٱلْءَاخِرَةِ وَيَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا ۚ أُو۟لَٰٓئِكَ فِى ضَلَٰلٍۭ بَعِيدٍۢ
جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ کان وڌيڪ پيارو رکندا آھن ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، اھي وڏيءَ گمراھي ۾ آھن.
وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهِۦ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۖ فَيُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيء (ٻوليءَ) سان نه موڪليوسون (ھن لاءِ) ته انھن کي (پڌرو) بيان ڪري، پوءِ الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي ڀُلائي ٿو ۽ جنھن لاءِ وڻيس تنھن کي ھدايت ٿو ڪري، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِـَٔايَٰتِنَآ أَنْ أَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ ٱلظُّلُمَٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ وَذَكِّرْهُم بِأَيَّىٰمِ ٱللَّهِ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّكُلِّ صَبَّارٍۢ شَكُورٍۢ
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن معجزن سان موڪليوسون (چيوسون) ته پنھنجي قوم کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍ، ۽ کين الله (جي ڏمر) وارا ڏينھن ياد ڏيار، بيشڪ اُن ۾ ھر ڪنھن صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.
وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ ٱذْكُرُوا۟ نِعْمَةَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ أَنجَىٰكُم مِّنْ ءَالِ فِرْعَوْنَ يَسُومُونَكُمْ سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ وَيُذَبِّحُونَ أَبْنَآءَكُمْ وَيَسْتَحْيُونَ نِسَآءَكُمْ ۚ وَفِى ذَٰلِكُم بَلَآءٌۭ مِّن رَّبِّكُمْ عَظِيمٌۭ
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو جڏھن ته فرعون جي (انھن) ماڻھن کان اوھان کي بچايائين جيڪي اوھان کي سخت عذاب چکائيندا ھوا، ۽ اوھان جي پُٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ ھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي آزمائش ھُئي.
وَإِذْ تَأَذَّنَ رَبُّكُمْ لَئِن شَكَرْتُمْ لَأَزِيدَنَّكُمْ ۖ وَلَئِن كَفَرْتُمْ إِنَّ عَذَابِى لَشَدِيدٌۭ
۽ جڏھن اوھان جي پالڻھار اوھان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو) شڪرانو ڪندؤ ته اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي.
وَقَالَ مُوسَىٰٓ إِن تَكْفُرُوٓا۟ أَنتُمْ وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًۭا فَإِنَّ ٱللَّهَ لَغَنِىٌّ حَمِيدٌ
۽ موسىٰؑ چيو ته اوھان جو ۽ سڀني جھان وارن جو انڪار ڪرڻ (الله کي ڪجھ نقصان لائي نه سگھندو) ڇوته الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَبَؤُا۟ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوحٍۢ وَعَادٍۢ وَثَمُودَ ۛ وَٱلَّذِينَ مِنۢ بَعْدِهِمْ ۛ لَا يَعْلَمُهُمْ إِلَّا ٱللَّهُ ۚ جَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَرَدُّوٓا۟ أَيْدِيَهُمْ فِىٓ أَفْوَٰهِهِمْ وَقَالُوٓا۟ إِنَّا كَفَرْنَا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ وَإِنَّا لَفِى شَكٍّۢ مِّمَّا تَدْعُونَنَآ إِلَيْهِ مُرِيبٍۢ
اوھان کي انھن جي سُڌ نه پھتي آھي ڇا جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد جي قوم جا ھوا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھوا، جن کي الله کان سواءِ ڪو ڪونه ڄاڻندو ھو، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون ۽ جنھن ڏانھن اوھين اسان کي سڏيندا آھيو تنھن کان اسين سخت شڪ ۾ پيل آھيون.
۞ قَالَتْ رُسُلُهُمْ أَفِى ٱللَّهِ شَكٌّۭ فَاطِرِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ يَدْعُوكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُم مِّن ذُنُوبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّۭى ۚ قَالُوٓا۟ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا بَشَرٌۭ مِّثْلُنَا تُرِيدُونَ أَن تَصُدُّونَا عَمَّا كَانَ يَعْبُدُ ءَابَآؤُنَا فَأْتُونَا بِسُلْطَٰنٍۢ مُّبِينٍۢ
سندن پيغمبر چيو ته (اوھان کي) آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله جي بابت ڪو شڪ آھي ڇا؟ (اُھو) اوھان کي ھن لاءِ سڏيندو آھي ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي مُھلت ڏئي، چيائون ته اوھين به رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو (تنھنڪري اوھانجي چوڻ تي ڪئن لڳون)، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تن کان اسان کي جھلڻ جو ارادو رکندا آھيو (جي سچا آھيو) ته اسان وٽ ڪو پڌرو دليل آڻيو.
قَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ إِن نَّحْنُ إِلَّا بَشَرٌۭ مِّثْلُكُمْ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ يَمُنُّ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ ۖ وَمَا كَانَ لَنَآ أَن نَّأْتِيَكُم بِسُلْطَٰنٍ إِلَّا بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُؤْمِنُونَ
سندن پيغمبر کين چيو ته اسين اوھان جھڙا ئي ماڻھو آھيون پر الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي احسان ڪندو آھي، ۽ الله جي حُڪم کانسواءِ اوھان وٽ ڪنھن دليل جي آڻڻ جي اسان کي ڪا سگھ نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.
وَمَا لَنَآ أَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَى ٱللَّهِ وَقَدْ هَدَىٰنَا سُبُلَنَا ۚ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلَىٰ مَآ ءَاذَيْتُمُونَا ۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُتَوَكِّلُونَ
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي ته الله تي ڀروسو نه ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُم مِّنْ أَرْضِنَآ أَوْ لَتَعُودُنَّ فِى مِلَّتِنَا ۖ فَأَوْحَىٰٓ إِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ ٱلظَّٰلِمِينَ
۽ ڪافرن پنھنجن پيغمبرن کي چيو ته اوھان کي پنھنجي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون يا اسان جي مذھب ڏانھن ضرور موٽي اچو، پوءِ سندن پالڻھار انھن ڏانھن وحي ڪيو ته ظالمن کي ضرور ناس ڪنداسون.
وَلَنُسْكِنَنَّكُمُ ٱلْأَرْضَ مِنۢ بَعْدِهِمْ ۚ ذَٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِى وَخَافَ وَعِيدِ
۽ اُنھن کان پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي ضرور رھائينداسين، اِھو انجام انھي لاءِ آھي جيڪو منھنجي اڳيان بيھڻ کان ڊڄي ۽ منھنجي دڙڪي کان ڊڄي.
وَٱسْتَفْتَحُوا۟ وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيدٍۢ
۽ (پيغمبرن) سوڀ جون دُعائون گھريون ۽ سڀڪو ھٺيلو ضدي نامراد ٿيو.
مِّن وَرَآئِهِۦ جَهَنَّمُ وَيُسْقَىٰ مِن مَّآءٍۢ صَدِيدٍۢ
ان جي پويان دوزخ آھي ۽ اُن کي پُونءَ جو پاڻي پياريو ويندو.
يَتَجَرَّعُهُۥ وَلَا يَكَادُ يُسِيغُهُۥ وَيَأْتِيهِ ٱلْمَوْتُ مِن كُلِّ مَكَانٍۢ وَمَا هُوَ بِمَيِّتٍۢ ۖ وَمِن وَرَآئِهِۦ عَذَابٌ غَلِيظٌۭ
ان کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ اُن کي ڳيت ڏئي پي نه سگھندو ۽ سڀڪنھن پاسي کان موت ايندس ۽ ھو مُئل نه ھوندو، ۽ ان جي پويان سخت عذاب آھي.
مَّثَلُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِرَبِّهِمْ ۖ أَعْمَٰلُهُمْ كَرَمَادٍ ٱشْتَدَّتْ بِهِ ٱلرِّيحُ فِى يَوْمٍ عَاصِفٍۢ ۖ لَّا يَقْدِرُونَ مِمَّا كَسَبُوا۟ عَلَىٰ شَىْءٍۢ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلضَّلَٰلُ ٱلْبَعِيدُ
جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال انھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نه سگھندا، اھا ئي وڏي گمراھي آھي.
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ ۚ إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ وَيَأْتِ بِخَلْقٍۢ جَدِيدٍۢ
(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي نئي ۽ ٻي نئين خلق آڻي.
وَمَا ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ بِعَزِيزٍۢ
۽ اِھو (ڪرڻ) الله تي اوکو نه آھي.
Page 1 of 3 (52 ayahs)