Loading surah...
Back to Sindhi Quran
98 Ayahs • Meccan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ كٓهيعٓصٓ
ڪٓھٰيٰعٓصٓ.
ذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهُۥ زَكَرِيَّآ
تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھيءُ) ذڪر آھي.
إِذْ نَادَىٰ رَبَّهُۥ نِدَآءً خَفِيًّۭا
جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ڳجھو ٻاڏائي سڏيائين.
قَالَ رَبِّ إِنِّى وَهَنَ ٱلْعَظْمُ مِنِّى وَٱشْتَعَلَ ٱلرَّأْسُ شَيْبًۭا وَلَمْ أَكُنۢ بِدُعَآئِكَ رَبِّ شَقِيًّۭا
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُنھنجا (لڱن جا) ھڏ سُست ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ته اي منھنجا پالڻھار توکي سڏڻ کان نا اميد نه آھيان.
وَإِنِّى خِفْتُ ٱلْمَوَٰلِىَ مِن وَرَآءِى وَكَانَتِ ٱمْرَأَتِى عَاقِرًۭا فَهَبْ لِى مِن لَّدُنكَ وَلِيًّۭا
۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش.
يَرِثُنِى وَيَرِثُ مِنْ ءَالِ يَعْقُوبَ ۖ وَٱجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّۭا
جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار ان کي صالح ڪر.
يَٰزَكَرِيَّآ إِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلَٰمٍ ٱسْمُهُۥ يَحْيَىٰ لَمْ نَجْعَل لَّهُۥ مِن قَبْلُ سَمِيًّۭا
(چيوسون ته) اي زڪريا اسان توکي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيىٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونه ڪيوسون.
قَالَ رَبِّ أَنَّىٰ يَكُونُ لِى غُلَٰمٌۭ وَكَانَتِ ٱمْرَأَتِى عَاقِرًۭا وَقَدْ بَلَغْتُ مِنَ ٱلْكِبَرِ عِتِيًّۭا
چيائين اي منھنجا پالڻھار مون کي ھن حالت ۾ پٽ ڪئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کان پھتو آھيان.
قَالَ كَذَٰلِكَ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌۭ وَقَدْ خَلَقْتُكَ مِن قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَيْـًۭٔا
(جبرئيل) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي ته اِھو مون کي آسان آھي ۽ بيشڪ توکي ھن کان اڳ پيدا ڪيو اٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نه ھُئين.
قَالَ رَبِّ ٱجْعَل لِّىٓ ءَايَةًۭ ۚ قَالَ ءَايَتُكَ أَلَّا تُكَلِّمَ ٱلنَّاسَ ثَلَٰثَ لَيَالٍۢ سَوِيًّۭا
زڪريا چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ ڪا نشاني ٺھراءِ، فرمايائين ته تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) ته ماڻھن سان ساندہ ٽي ڏينھن راتيون ڳالھائي نه سگھندين.
فَخَرَجَ عَلَىٰ قَوْمِهِۦ مِنَ ٱلْمِحْرَابِ فَأَوْحَىٰٓ إِلَيْهِمْ أَن سَبِّحُوا۟ بُكْرَةًۭ وَعَشِيًّۭا
پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ انھن اشارو ڏنائين ته صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو.
يَٰيَحْيَىٰ خُذِ ٱلْكِتَٰبَ بِقُوَّةٍۢ ۖ وَءَاتَيْنَٰهُ ٱلْحُكْمَ صَبِيًّۭا
(۽ يحيىٰ ڄمي ڏھن ورھن جو ٿيو ته) چيوسون ته اي يحيىٰ ڪتاب کي مُحڪم وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون.
وَحَنَانًۭا مِّن لَّدُنَّا وَزَكَوٰةًۭ ۖ وَكَانَ تَقِيًّۭا
۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ سُٺائي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو.
وَبَرًّۢا بِوَٰلِدَيْهِ وَلَمْ يَكُن جَبَّارًا عَصِيًّۭا
۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نه ھو.
وَسَلَٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوتُ وَيَوْمَ يُبْعَثُ حَيًّۭا
۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي.
وَٱذْكُرْ فِى ٱلْكِتَٰبِ مَرْيَمَ إِذِ ٱنتَبَذَتْ مِنْ أَهْلِهَا مَكَانًۭا شَرْقِيًّۭا
۽ مريم جو قِصّو ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجي گھر وارن کان اوڀرندي ھنڌ پاس ڀري ٿي.
فَٱتَّخَذَتْ مِن دُونِهِمْ حِجَابًۭا فَأَرْسَلْنَآ إِلَيْهَا رُوحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًۭا سَوِيًّۭا
پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ڏسجڻ ۾ اُن لاءِ پورو ماڻھو بڻجي بيٺو.
قَالَتْ إِنِّىٓ أَعُوذُ بِٱلرَّحْمَٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّۭا
(مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (ته مون کان پري ٿيءُ).
قَالَ إِنَّمَآ أَنَا۠ رَسُولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلَٰمًۭا زَكِيًّۭا
(ملائڪ) چيو ته آءٌ ته تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان ته توکي چڱو نينگر بخشيان.
قَالَتْ أَنَّىٰ يَكُونُ لِى غُلَٰمٌۭ وَلَمْ يَمْسَسْنِى بَشَرٌۭ وَلَمْ أَكُ بَغِيًّۭا
(مريم) چيو ته مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نه ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان.
Page 1 of 5 (98 ayahs)