Loading surah...
Back to Sindhi Quran
64 Ayahs • Medinan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ سُورَةٌ أَنزَلْنَٰهَا وَفَرَضْنَٰهَا وَأَنزَلْنَا فِيهَآ ءَايَٰتٍۭ بَيِّنَٰتٍۢ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
(ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون ته مانَ نصيحت وٺو.
ٱلزَّانِيَةُ وَٱلزَّانِى فَٱجْلِدُوا۟ كُلَّ وَٰحِدٍۢ مِّنْهُمَا مِا۟ئَةَ جَلْدَةٍۢ ۖ وَلَا تَأْخُذْكُم بِهِمَا رَأْفَةٌۭ فِى دِينِ ٱللَّهِ إِن كُنتُمْ تُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ ۖ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَآئِفَةٌۭ مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي.
ٱلزَّانِى لَا يَنكِحُ إِلَّا زَانِيَةً أَوْ مُشْرِكَةًۭ وَٱلزَّانِيَةُ لَا يَنكِحُهَآ إِلَّا زَانٍ أَوْ مُشْرِكٌۭ ۚ وَحُرِّمَ ذَٰلِكَ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ
زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.
وَٱلَّذِينَ يَرْمُونَ ٱلْمُحْصَنَٰتِ ثُمَّ لَمْ يَأْتُوا۟ بِأَرْبَعَةِ شُهَدَآءَ فَٱجْلِدُوهُمْ ثَمَٰنِينَ جَلْدَةًۭ وَلَا تَقْبَلُوا۟ لَهُمْ شَهَٰدَةً أَبَدًۭا ۚ وَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْفَٰسِقُونَ
۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نه آڻين ته کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نه ڪريو، ۽ اُھي بي دين آھن.
إِلَّا ٱلَّذِينَ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ وَأَصْلَحُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌۭ رَّحِيمٌۭ
پر ھن کان پوءِ جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، ته الله بخشڻھار مھربان آھي.
وَٱلَّذِينَ يَرْمُونَ أَزْوَٰجَهُمْ وَلَمْ يَكُن لَّهُمْ شُهَدَآءُ إِلَّآ أَنفُسُهُمْ فَشَهَٰدَةُ أَحَدِهِمْ أَرْبَعُ شَهَٰدَٰتٍۭ بِٱللَّهِ ۙ إِنَّهُۥ لَمِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ
۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نه ھجن ته اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي ته الله جو قسم ته بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي.
وَٱلْخَٰمِسَةُ أَنَّ لَعْنَتَ ٱللَّهِ عَلَيْهِ إِن كَانَ مِنَ ٱلْكَٰذِبِينَ
۽ پنجون ڀيرو چوي ته جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو ته مٿس الله جي لعنت ھجي.
وَيَدْرَؤُا۟ عَنْهَا ٱلْعَذَابَ أَن تَشْهَدَ أَرْبَعَ شَهَٰدَٰتٍۭ بِٱللَّهِ ۙ إِنَّهُۥ لَمِنَ ٱلْكَٰذِبِينَ
۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي ته الله جو قسم ته بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي.
وَٱلْخَٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ ٱللَّهِ عَلَيْهَآ إِن كَانَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ
۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) ته جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي ته اُن (زال) تي الله جو ڏمر ھُجي.
وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ وَأَنَّ ٱللَّهَ تَوَّابٌ حَكِيمٌ
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ جَآءُو بِٱلْإِفْكِ عُصْبَةٌۭ مِّنكُمْ ۚ لَا تَحْسَبُوهُ شَرًّۭا لَّكُم ۖ بَلْ هُوَ خَيْرٌۭ لَّكُمْ ۚ لِكُلِّ ٱمْرِئٍۢ مِّنْهُم مَّا ٱكْتَسَبَ مِنَ ٱلْإِثْمِ ۚ وَٱلَّذِى تَوَلَّىٰ كِبْرَهُۥ مِنْهُمْ لَهُۥ عَذَابٌ عَظِيمٌۭ
بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولو آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نه ڀانيو ته اوھان لاءِ (ڪو) مدو آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
لَّوْلَآ إِذْ سَمِعْتُمُوهُ ظَنَّ ٱلْمُؤْمِنُونَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتُ بِأَنفُسِهِمْ خَيْرًۭا وَقَالُوا۟ هَٰذَآ إِفْكٌۭ مُّبِينٌۭ
جڏھن اُھو ٻُڌو تڏھن مؤمنن مڙسن ۽ مؤمنياڻن زالن پنھنجن (ماڻھن) ۾ چڱو گمان ڇونه ڪيو ۽ ڇونه چيائون ته ھيءُ پڌرو بُھتان آھي؟
لَّوْلَا جَآءُو عَلَيْهِ بِأَرْبَعَةِ شُهَدَآءَ ۚ فَإِذْ لَمْ يَأْتُوا۟ بِٱلشُّهَدَآءِ فَأُو۟لَٰٓئِكَ عِندَ ٱللَّهِ هُمُ ٱلْكَٰذِبُونَ
اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇونه آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نه آندائون تڏھن اُھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن.
وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِى مَآ أَفَضْتُمْ فِيهِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا.
إِذْ تَلَقَّوْنَهُۥ بِأَلْسِنَتِكُمْ وَتَقُولُونَ بِأَفْوَاهِكُم مَّا لَيْسَ لَكُم بِهِۦ عِلْمٌۭ وَتَحْسَبُونَهُۥ هَيِّنًۭا وَهُوَ عِندَ ٱللَّهِ عَظِيمٌۭ
جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نه ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناہ) ھو.
وَلَوْلَآ إِذْ سَمِعْتُمُوهُ قُلْتُم مَّا يَكُونُ لَنَآ أَن نَّتَكَلَّمَ بِهَٰذَا سُبْحَٰنَكَ هَٰذَا بُهْتَٰنٌ عَظِيمٌۭ
۽ جڏھن اُھو ٻڌوَ (تڏھن) ڇونه چيوَ ته اسان کي اھو چوڻ نه جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ھي وڏ بُھتان آھي.
يَعِظُكُمُ ٱللَّهُ أَن تَعُودُوا۟ لِمِثْلِهِۦٓ أَبَدًا إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نه ڪجو.
وَيُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمُ ٱلْءَايَٰتِ ۚ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يُحِبُّونَ أَن تَشِيعَ ٱلْفَٰحِشَةُ فِى ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌۭ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ ۚ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ وَأَنَّ ٱللَّهَ رَءُوفٌۭ رَّحِيمٌۭ
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
Page 1 of 4 (64 ayahs)