Loading surah...
Back to Sindhi Quran
49 Ayahs • Meccan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلطُّورِ
(جبل) طُور جو قسم آھي.
وَكِتَٰبٍۢ مَّسْطُورٍۢ
۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.
فِى رَقٍّۢ مَّنشُورٍۢ
جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.
وَٱلْبَيْتِ ٱلْمَعْمُورِ
۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.
وَٱلسَّقْفِ ٱلْمَرْفُوعِ
۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.
وَٱلْبَحْرِ ٱلْمَسْجُورِ
۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.
إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَٰقِعٌۭ
ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.
مَّا لَهُۥ مِن دَافِعٍۢ
اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.
يَوْمَ تَمُورُ ٱلسَّمَآءُ مَوْرًۭا
جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.
وَتَسِيرُ ٱلْجِبَالُ سَيْرًۭا
۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.
فَوَيْلٌۭ يَوْمَئِذٍۢ لِّلْمُكَذِّبِينَ
تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ٱلَّذِينَ هُمْ فِى خَوْضٍۢ يَلْعَبُونَ
جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.
يَوْمَ يُدَعُّونَ إِلَىٰ نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا
جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.
هَٰذِهِ ٱلنَّارُ ٱلَّتِى كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.
أَفَسِحْرٌ هَٰذَآ أَمْ أَنتُمْ لَا تُبْصِرُونَ
ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟
ٱصْلَوْهَا فَٱصْبِرُوٓا۟ أَوْ لَا تَصْبِرُوا۟ سَوَآءٌ عَلَيْكُمْ ۖ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّٰتٍۢ وَنَعِيمٍۢ
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.
فَٰكِهِينَ بِمَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ وَوَقَىٰهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ
جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.
مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ سُرُرٍۢ مَّصْفُوفَةٍۢ ۖ وَزَوَّجْنَٰهُم بِحُورٍ عِينٍۢ
ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.
Page 1 of 3 (49 ayahs)