Loading surah...
Back to Sindhi Quran
85 Ayahs • Meccan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ حمٓ
حٰمٓ.
تَنزِيلُ ٱلْكِتَٰبِ مِنَ ٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْعَلِيمِ
(ھن) ڪتاب جو ھيٺ لاھڻ الله غالب ڄاڻندڙ وٽان آھي.
غَافِرِ ٱلذَّنۢبِ وَقَابِلِ ٱلتَّوْبِ شَدِيدِ ٱلْعِقَابِ ذِى ٱلطَّوْلِ ۖ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ إِلَيْهِ ٱلْمَصِيرُ
جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ڏانھس ورڻو آھي.
مَا يُجَٰدِلُ فِىٓ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ إِلَّا ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فَلَا يَغْرُرْكَ تَقَلُّبُهُمْ فِى ٱلْبِلَٰدِ
ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن بابت (ٻيو) ڪوبه تڪرار نه ڪندو آھي پوءِ شھرن ۾ (واپار لاءِ) سندن اچ وڃ توکي نه ٺڳي.
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍۢ وَٱلْأَحْزَابُ مِنۢ بَعْدِهِمْ ۖ وَهَمَّتْ كُلُّ أُمَّةٍۭ بِرَسُولِهِمْ لِيَأْخُذُوهُ ۖ وَجَٰدَلُوا۟ بِٱلْبَٰطِلِ لِيُدْحِضُوا۟ بِهِ ٱلْحَقَّ فَأَخَذْتُهُمْ ۖ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ
کانئن اڳ نُوح جي قوم ۽ انھن پڄاڻا ٻـين (ڪيترين ئي) ٽولين ڪُوڙ ڄاتو، ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ پنھنجن پيغمبر جو قصد ڪيو ته کيس پڪڙين ۽ اجاين (ڳالھين) سان جھيڙو ڪندا رھيا ته اُن سان سچيءَ ڳالھ کي ناس ڪن پوءِ کين ورتم، پوءِ منھنجي سزا (ڏيڻ) ڪيئن ھئي.
وَكَذَٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَنَّهُمْ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ
۽ اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو آھي ته اُھي دوزخي آھن.
ٱلَّذِينَ يَحْمِلُونَ ٱلْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهُۥ يُسَبِّحُونَ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُونَ بِهِۦ وَيَسْتَغْفِرُونَ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَىْءٍۢ رَّحْمَةًۭ وَعِلْمًۭا فَٱغْفِرْ لِلَّذِينَ تَابُوا۟ وَٱتَّبَعُوا۟ سَبِيلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ
جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻندا آھن ۽ جيڪي اُن جي چوڌاري آھن سي پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪندا آھن ۽ مٿس ايمان آڻيندا آھن ۽ مؤمن لاءِ بخشش گھرندا آھن، (چوندا آھن ته) اي اسان جا پالڻھار سڀڪنھن شيء کي پنھنجي ٻاجھ ۽ علم ۾ وڪوڙيو اٿيئي تنھنڪري جن توبه ڪئي ۽ تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪئي تن کي بخش ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
رَبَّنَا وَأَدْخِلْهُمْ جَنَّٰتِ عَدْنٍ ٱلَّتِى وَعَدتَّهُمْ وَمَن صَلَحَ مِنْ ءَابَآئِهِمْ وَأَزْوَٰجِهِمْ وَذُرِّيَّٰتِهِمْ ۚ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
اي اسان جا پالڻھار کين اُن ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿيئي ۽ جيڪي سندن پين ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان سڌريل ھجي تنھن کي به (اُنھن باغن ۾ داخل ڪر)، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.
وَقِهِمُ ٱلسَّيِّـَٔاتِ ۚ وَمَن تَقِ ٱلسَّيِّـَٔاتِ يَوْمَئِذٍۢ فَقَدْ رَحِمْتَهُۥ ۚ وَذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
۽ کين سختين کان بچاءِ، ۽ جنھن کي اُن ڏينھن ۾ سختين کان بچايئي تنھن تي بيشڪ رحم ڪيئي، ۽ اِھو (بچائڻ) وڏي مُراد ماڻڻ آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ ٱللَّهِ أَكْبَرُ مِن مَّقْتِكُمْ أَنفُسَكُمْ إِذْ تُدْعَوْنَ إِلَى ٱلْإِيمَٰنِ فَتَكْفُرُونَ
بيشڪ جن ڪُفر ڪيو تن کي سڏبو (۽ چئبو) ته الله جو (اوھان تي) ڏمرجڻ اوھان جي پاڻ تي (اڄ جي) ڏمرجڻ کان تمام وڏو آھي جڏھن جو اوھان کي (دنيا ۾) ايمان ڏانھن سڏبو ھو ۽ نه مڃيندا ھئو.
قَالُوا۟ رَبَّنَآ أَمَتَّنَا ٱثْنَتَيْنِ وَأَحْيَيْتَنَا ٱثْنَتَيْنِ فَٱعْتَرَفْنَا بِذُنُوبِنَا فَهَلْ إِلَىٰ خُرُوجٍۢ مِّن سَبِيلٍۢ
چوندا ته اي اسانجا پالڻھار اسان کي ٻه ڀيرا ماريئي ۽ اسان کي ٻه ڀيرا جياريئي تنھنڪري (ھاڻي) پنھنجن گناھن کي (پاڻ) مڃيوسون پوءِ (ھاڻي) نڪرڻ جي ڪا واھ (ڪٿي) آھي؟
ذَٰلِكُم بِأَنَّهُۥٓ إِذَا دُعِىَ ٱللَّهُ وَحْدَهُۥ كَفَرْتُمْ ۖ وَإِن يُشْرَكْ بِهِۦ تُؤْمِنُوا۟ ۚ فَٱلْحُكْمُ لِلَّهِ ٱلْعَلِىِّ ٱلْكَبِيرِ
(چئبن) اِھو (عذاب اوھان کي) انھيءَ ڪري آھي جو جڏھن (خاص) اڪيلي الله کي سڏبو ھو (تڏھن) اوھين انڪار ڪندا ھئو، ۽ جيڪڏھن ساڻس شريڪ ٺھرايو ويندو ھو ته (ان ڳالھ کي) مڃيندا ھئو، پوءِ (اڄ) تمام مٿاھين وڏي الله جو حڪم آھي.
هُوَ ٱلَّذِى يُرِيكُمْ ءَايَٰتِهِۦ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ رِزْقًۭا ۚ وَمَا يَتَذَكَّرُ إِلَّا مَن يُنِيبُ
(الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (خدا ڏانھن) موٽندو.
فَٱدْعُوا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْكَٰفِرُونَ
پوءِ الله لاءِ پنھنجي عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀانئين.
رَفِيعُ ٱلدَّرَجَٰتِ ذُو ٱلْعَرْشِ يُلْقِى ٱلرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِۦ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ لِيُنذِرَ يَوْمَ ٱلتَّلَاقِ
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.
يَوْمَ هُم بَٰرِزُونَ ۖ لَا يَخْفَىٰ عَلَى ٱللَّهِ مِنْهُمْ شَىْءٌۭ ۚ لِّمَنِ ٱلْمُلْكُ ٱلْيَوْمَ ۖ لِلَّهِ ٱلْوَٰحِدِ ٱلْقَهَّارِ
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.
ٱلْيَوْمَ تُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ ۚ لَا ظُلْمَ ٱلْيَوْمَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ سَرِيعُ ٱلْحِسَابِ
اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.
وَأَنذِرْهُمْ يَوْمَ ٱلْءَازِفَةِ إِذِ ٱلْقُلُوبُ لَدَى ٱلْحَنَاجِرِ كَٰظِمِينَ ۚ مَا لِلظَّٰلِمِينَ مِنْ حَمِيمٍۢ وَلَا شَفِيعٍۢ يُطَاعُ
۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.
يَعْلَمُ خَآئِنَةَ ٱلْأَعْيُنِ وَمَا تُخْفِى ٱلصُّدُورُ
اکين جي خيانت (واري نگاھ) ۽ جيڪي سينا لڪائيندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي.
وَٱللَّهُ يَقْضِى بِٱلْحَقِّ ۖ وَٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ لَا يَقْضُونَ بِشَىْءٍ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْبَصِيرُ
۽ الله انصاف سان حُڪم ڪندو آھي، ۽ (منڪر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي ڪجھ به حُڪم نه ڪندا آھن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
Page 1 of 5 (85 ayahs)