Loading surah...
Back to Sindhi Quran
54 Ayahs • Meccan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ حمٓ
حٰمٓ.
تَنزِيلٌۭ مِّنَ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
(ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي.
كِتَٰبٌۭ فُصِّلَتْ ءَايَٰتُهُۥ قُرْءَانًا عَرَبِيًّۭا لِّقَوْمٍۢ يَعْلَمُونَ
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب جو سندس آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آھن قُرآن عربيءَ ۾ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي.
بَشِيرًۭا وَنَذِيرًۭا فَأَعْرَضَ أَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ
جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نه آھن.
وَقَالُوا۟ قُلُوبُنَا فِىٓ أَكِنَّةٍۢ مِّمَّا تَدْعُونَآ إِلَيْهِ وَفِىٓ ءَاذَانِنَا وَقْرٌۭ وَمِنۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِجَابٌۭ فَٱعْمَلْ إِنَّنَا عَٰمِلُونَ
۽ چوندا آھن ته جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون.
قُلْ إِنَّمَآ أَنَا۠ بَشَرٌۭ مِّثْلُكُمْ يُوحَىٰٓ إِلَىَّ أَنَّمَآ إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌۭ وَٰحِدٌۭ فَٱسْتَقِيمُوٓا۟ إِلَيْهِ وَٱسْتَغْفِرُوهُ ۗ وَوَيْلٌۭ لِّلْمُشْرِكِينَ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ (به) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي ته اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي تنھنڪري ڏانھس سڌا متوجه ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي.
ٱلَّذِينَ لَا يُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَهُم بِٱلْءَاخِرَةِ هُمْ كَٰفِرُونَ
جيڪي زڪوٰة نه ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (به) نه مڃيندا آھن.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍۢ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.
۞ قُلْ أَئِنَّكُمْ لَتَكْفُرُونَ بِٱلَّذِى خَلَقَ ٱلْأَرْضَ فِى يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُونَ لَهُۥٓ أَندَادًۭا ۚ ذَٰلِكَ رَبُّ ٱلْعَٰلَمِينَ
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي.
وَجَعَلَ فِيهَا رَوَٰسِىَ مِن فَوْقِهَا وَبَٰرَكَ فِيهَا وَقَدَّرَ فِيهَآ أَقْوَٰتَهَا فِىٓ أَرْبَعَةِ أَيَّامٍۢ سَوَآءًۭ لِّلسَّآئِلِينَ
۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس ڳرا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جا قُوۡت مُقرّر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي.
ثُمَّ ٱسْتَوَىٰٓ إِلَى ٱلسَّمَآءِ وَهِىَ دُخَانٌۭ فَقَالَ لَهَا وَلِلْأَرْضِ ٱئْتِيَا طَوْعًا أَوْ كَرْهًۭا قَالَتَآ أَتَيْنَا طَآئِعِينَ
وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين ته سرھائيءَ سان خواھ اَرھائيءَ سان اچو، (ٻنھي) چيو ته خُوشيءَ سان آياسون.
فَقَضَىٰهُنَّ سَبْعَ سَمَٰوَاتٍۢ فِى يَوْمَيْنِ وَأَوْحَىٰ فِى كُلِّ سَمَآءٍ أَمْرَهَا ۚ وَزَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنْيَا بِمَصَٰبِيحَ وَحِفْظًۭا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ ٱلْعَزِيزِ ٱلْعَلِيمِ
پوءِ (ٻـين) ٻن ڏينھن ۾ اُنھن کي سَت آسمان بڻايائين ۽ سڀڪنھن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حُڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي (تارن جي) ڏينئن سينگاريوسون، ۽ (شيطانن کان اُنھيءَ جي) حفاظت ڪئي سون، اِھا (الله) غالب ڄاڻندڙ جي رِٿ آھي.
فَإِنْ أَعْرَضُوا۟ فَقُلْ أَنذَرْتُكُمْ صَٰعِقَةًۭ مِّثْلَ صَٰعِقَةِ عَادٍۢ وَثَمُودَ
پوءِ جيڪڏھن (اُھي) مُنھن موڙين ته چؤ ته اوھان کي اھڙي عذاب کان ڊيڄاريم جھڙو عاد ۽ ثَمُود جو عذاب (ھو).
إِذْ جَآءَتْهُمُ ٱلرُّسُلُ مِنۢ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ أَلَّا تَعْبُدُوٓا۟ إِلَّا ٱللَّهَ ۖ قَالُوا۟ لَوْ شَآءَ رَبُّنَا لَأَنزَلَ مَلَٰٓئِكَةًۭ فَإِنَّا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ كَٰفِرُونَ
جڏھن پيغمبر سندن اڳيان ۽ سندن پويان انھن وٽ آيا (پيغمبرن چيو) ته الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار گھري ھا ته ضرور ملائڪن کي موڪلي ھا تنھنڪري (اوھين) جنھن سان موڪليا ويا آھيو تنھنکي اسين مڃڻ وارا نه آھيون.
فَأَمَّا عَادٌۭ فَٱسْتَكْبَرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَقَالُوا۟ مَنْ أَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۖ أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّ ٱللَّهَ ٱلَّذِى خَلَقَهُمْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةًۭ ۖ وَكَانُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا يَجْحَدُونَ
پوءِ عاد (وارن) زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته سگھ ۾ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير آھي؟ نه ڏٺو اٿن ڇا ته اھو الله جنھن کين پيدا ڪيو سا کائن سگھ ۾ وڌيڪ ڏاڍو آھي، ۽ (اُھي) اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا رھيا.
فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًۭا صَرْصَرًۭا فِىٓ أَيَّامٍۢ نَّحِسَاتٍۢ لِّنُذِيقَهُمْ عَذَابَ ٱلْخِزْىِ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۖ وَلَعَذَابُ ٱلْءَاخِرَةِ أَخْزَىٰ ۖ وَهُمْ لَا يُنصَرُونَ
تنھنڪري نحس (يعني مُصيبت جي) ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون ته کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نه ڏبي.
وَأَمَّا ثَمُودُ فَهَدَيْنَٰهُمْ فَٱسْتَحَبُّوا۟ ٱلْعَمَىٰ عَلَى ٱلْهُدَىٰ فَأَخَذَتْهُمْ صَٰعِقَةُ ٱلْعَذَابِ ٱلْهُونِ بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
۽ ثمود (قوم) سو اُنھن کي پڌرو رستو ڏيکاريوسون پوءِ ھدايت کان انڌائي کي پسند ڪيائون پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو انھي ڪري جو (بڇڙا ڪم) ڪمائيندا ھوا.
وَنَجَّيْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَكَانُوا۟ يَتَّقُونَ
۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھوا تن کي بچايوسون.
وَيَوْمَ يُحْشَرُ أَعْدَآءُ ٱللَّهِ إِلَى ٱلنَّارِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (ھڪ ٻئي جي اچڻ تائين) ترسايا ويندا.
حَتَّىٰٓ إِذَا مَا جَآءُوهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَأَبْصَٰرُهُمْ وَجُلُودُهُم بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
تانجو جڏھن (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھوا تنھنجي مٿان شاھدي ڏينديون.
Page 1 of 3 (54 ayahs)