Loading surah...
Back to Sindhi Quran
206 Ayahs • Meccan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ الٓمٓصٓ
الٓمّٓصٓ.
كِتَٰبٌ أُنزِلَ إِلَيْكَ فَلَا يَكُن فِى صَدْرِكَ حَرَجٌۭ مِّنْهُ لِتُنذِرَ بِهِۦ وَذِكْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ
(اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.
ٱتَّبِعُوا۟ مَآ أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءَ ۗ قَلِيلًۭا مَّا تَذَكَّرُونَ
جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
وَكَم مِّن قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَٰهَا فَجَآءَهَا بَأْسُنَا بَيَٰتًا أَوْ هُمْ قَآئِلُونَ
۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.
فَمَا كَانَ دَعْوَىٰهُمْ إِذْ جَآءَهُم بَأْسُنَآ إِلَّآ أَن قَالُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا ظَٰلِمِينَ
پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون.
فَلَنَسْـَٔلَنَّ ٱلَّذِينَ أُرْسِلَ إِلَيْهِمْ وَلَنَسْـَٔلَنَّ ٱلْمُرْسَلِينَ
پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (به) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (به) ضرور پُڇنداسون.
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِم بِعِلْمٍۢ ۖ وَمَا كُنَّا غَآئِبِينَ
پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نه ھواسون.
وَٱلْوَزْنُ يَوْمَئِذٍ ٱلْحَقُّ ۚ فَمَن ثَقُلَتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا تراڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن.
وَمَنْ خَفَّتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُم بِمَا كَانُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا يَظْلِمُونَ
۽ جن جا تراڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان ڇيئو لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا.
وَلَقَدْ مَكَّنَّٰكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيهَا مَعَٰيِشَ ۗ قَلِيلًۭا مَّا تَشْكُرُونَ
۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
وَلَقَدْ خَلَقْنَٰكُمْ ثُمَّ صَوَّرْنَٰكُمْ ثُمَّ قُلْنَا لِلْمَلَٰٓئِكَةِ ٱسْجُدُوا۟ لِءَادَمَ فَسَجَدُوٓا۟ إِلَّآ إِبْلِيسَ لَمْ يَكُن مِّنَ ٱلسَّٰجِدِينَ
۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.
قَالَ مَا مَنَعَكَ أَلَّا تَسْجُدَ إِذْ أَمَرْتُكَ ۖ قَالَ أَنَا۠ خَيْرٌۭ مِّنْهُ خَلَقْتَنِى مِن نَّارٍۢ وَخَلَقْتَهُۥ مِن طِينٍۢ
(الله) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن ته توکي حُڪم (به) ڪيم، چيائين ته آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باہ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.
قَالَ فَٱهْبِطْ مِنْهَا فَمَا يَكُونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فِيهَا فَٱخْرُجْ إِنَّكَ مِنَ ٱلصَّٰغِرِينَ
(الله) چيو ته اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ توکي منجھس وڏائي ڪرڻ نه جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇوته تون خوار ٿيلن مان آھين.
قَالَ أَنظِرْنِىٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
چيائين ته قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي.
قَالَ إِنَّكَ مِنَ ٱلْمُنظَرِينَ
چيائين ته تون مُھلت ڏنلن مان آھين.
قَالَ فَبِمَآ أَغْوَيْتَنِى لَأَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَٰطَكَ ٱلْمُسْتَقِيمَ
چيائين انھيءَ سببان جو تو مونکي گمراہ ڪيو (آءٌ ته) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌي واٽ تي ضرور وھندس.
ثُمَّ لَءَاتِيَنَّهُم مِّنۢ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ أَيْمَٰنِهِمْ وَعَن شَمَآئِلِهِمْ ۖ وَلَا تَجِدُ أَكْثَرَهُمْ شَٰكِرِينَ
پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نه لھندين.
قَالَ ٱخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُومًۭا مَّدْحُورًۭا ۖ لَّمَن تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُمْ أَجْمَعِينَ
(الله) فرمايو ته تون آسمانن مان خوار (۽) تڙيل ٿي نڪري وڃ، انھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ توکي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.
وَيَٰٓـَٔادَمُ ٱسْكُنْ أَنتَ وَزَوْجُكَ ٱلْجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِئْتُمَا وَلَا تَقْرَبَا هَٰذِهِ ٱلشَّجَرَةَ فَتَكُونَا مِنَ ٱلظَّٰلِمِينَ
۽ (چيوسون ته) اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندؤ.
فَوَسْوَسَ لَهُمَا ٱلشَّيْطَٰنُ لِيُبْدِىَ لَهُمَا مَا وُۥرِىَ عَنْهُمَا مِن سَوْءَٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهَىٰكُمَا رَبُّكُمَا عَنْ هَٰذِهِ ٱلشَّجَرَةِ إِلَّآ أَن تَكُونَا مَلَكَيْنِ أَوْ تَكُونَا مِنَ ٱلْخَٰلِدِينَ
پوءِ شيطان انھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو ته سندن اوگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ پڌرو ڪري ۽ چيائين ته اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان رڳو ھن ڪري جھليو آھي ته (متان) اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو.
Page 1 of 11 (206 ayahs)