Loading surah...
Back to Sindhi Quran
75 Ayahs • Medinan
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلْأَنفَالِ ۖ قُلِ ٱلْأَنفَالُ لِلَّهِ وَٱلرَّسُولِ ۖ فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَصْلِحُوا۟ ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۖ وَأَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
(اي پيغمبر) غنيمت جي مال بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته غنيمت جو مال الله ۽ پيغمبر جو آھي، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ اوھين پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪريو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله ۽ سندس رَسُول جي فرمانبرداري ڪريو.
إِنَّمَا ٱلْمُؤْمِنُونَ ٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِرَ ٱللَّهُ وَجِلَتْ قُلُوبُهُمْ وَإِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتُهُۥ زَادَتْهُمْ إِيمَٰنًۭا وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
مُؤمن اُھي ئي آھن جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (ته) ڊڄنديون آھن ۽ جڏھن سندس آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن اُھي سندن ايمان کي وڌائينديون آھن ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.
ٱلَّذِينَ يُقِيمُونَ ٱلصَّلَوٰةَ وَمِمَّا رَزَقْنَٰهُمْ يُنفِقُونَ
اُھي نماز پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.
أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُؤْمِنُونَ حَقًّۭا ۚ لَّهُمْ دَرَجَٰتٌ عِندَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌۭ وَرِزْقٌۭ كَرِيمٌۭ
اِھي ئي پڪا مؤمن آھن، انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ (وڏا) درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آھي.
كَمَآ أَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنۢ بَيْتِكَ بِٱلْحَقِّ وَإِنَّ فَرِيقًۭا مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ لَكَٰرِهُونَ
جئن تنھنجي رب توکي تنھنجي گھر (مدينه) مان سچي تدبير لاءِ ٻاھر آندو، ۽ بيشڪ مؤمنن منجھان ھڪ ٽولي ضرور ناراض ھئي.
يُجَٰدِلُونَكَ فِى ٱلْحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَأَنَّمَا يُسَاقُونَ إِلَى ٱلْمَوْتِ وَهُمْ يَنظُرُونَ
اُھي سچي ڳالھه بابت ان جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ (به) توسان گفتگو ڪندا رھيا ڄڻ ته اُھي (اکين سان) ڏسندي موت ڏانھن ھڪاليا وڃن ٿا.
وَإِذْ يَعِدُكُمُ ٱللَّهُ إِحْدَى ٱلطَّآئِفَتَيْنِ أَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّونَ أَنَّ غَيْرَ ذَاتِ ٱلشَّوْكَةِ تَكُونُ لَكُمْ وَيُرِيدُ ٱللَّهُ أَن يُحِقَّ ٱلْحَقَّ بِكَلِمَٰتِهِۦ وَيَقْطَعَ دَابِرَ ٱلْكَٰفِرِينَ
۽ (ياد ڪريو) ته جڏھن الله اوھان سان انجام ڪيو ته (ڪافرن جي) ٻن ٽولين مان ھڪ اوھان کي ھٿ لڳندي ۽ اوھان گھريو ٿي ته بي ھٿيار (ٽولي) اوھان لاءِ ھُجي ۽ الله گھريو ٿي ته پنھنجي حُڪم سان حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ ھِنَ لاءِ وڍي.
لِيُحِقَّ ٱلْحَقَّ وَيُبْطِلَ ٱلْبَٰطِلَ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْمُجْرِمُونَ
ته حق کي ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل ڪري توڻيڪ گنھگار ناراض رھن.
إِذْ تَسْتَغِيثُونَ رَبَّكُمْ فَٱسْتَجَابَ لَكُمْ أَنِّى مُمِدُّكُم بِأَلْفٍۢ مِّنَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةِ مُرْدِفِينَ
جڏھن جو پنھنجي پالڻھار کي فرياد ٿي ڪيوَ ته (اُھا) اوھانجي (فرياد) قبول ڪيائين (فرمايائين) ته آءٌ لڳولڳ ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙن ھڪ ھزار ملائڪن سان اوھان جي مدد ڪندڙ آھيان.
وَمَا جَعَلَهُ ٱللَّهُ إِلَّا بُشْرَىٰ وَلِتَطْمَئِنَّ بِهِۦ قُلُوبُكُمْ ۚ وَمَا ٱلنَّصْرُ إِلَّا مِنْ عِندِ ٱللَّهِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ھو ۽ ته اُن سان اوھان جون دليون تسلّي واريون ٿين، ۽ الله (جي پار کان) سواءِ (ٻئي ھنڌان) مدد ملڻي نه آھي، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.
إِذْ يُغَشِّيكُمُ ٱلنُّعَاسَ أَمَنَةًۭ مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ لِّيُطَهِّرَكُم بِهِۦ وَيُذْهِبَ عَنكُمْ رِجْزَ ٱلشَّيْطَٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلَىٰ قُلُوبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ ٱلْأَقْدَامَ
(ياد ڪر) جنھن مھل پنھنجي طرف کان امن ڏيڻ لاءِ اوھان کي اوجھراڪي ڍڪايائين ۽ اوھان تي آسمان مان پاڻي ھِن لاءِ وسايائين ته اُن سان اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان کان شيطان جي پليتي نئي ۽ اوھان جي دلين کي مُحڪم رکي ۽ ان سان (اوھان جي) قدمن کي مُحڪم ڪري.
إِذْ يُوحِى رَبُّكَ إِلَى ٱلْمَلَٰٓئِكَةِ أَنِّى مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا۟ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ۚ سَأُلْقِى فِى قُلُوبِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ٱلرُّعْبَ فَٱضْرِبُوا۟ فَوْقَ ٱلْأَعْنَاقِ وَٱضْرِبُوا۟ مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍۢ
(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن ڏانھن وحي ڪيو ته آءٌ اوھان سان آھيان تنھنڪري مؤمنن کي ھمٿايو، ڪافرن کي دل ۾ سگھو دھشت وجھندس پوءِ (اي مؤمنؤ) گردنين تي ڌڪ ھڻونِ ۽ اُنھن جي آڱرين جا سنڌ ڀڃو.
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ شَآقُّوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ ۚ وَمَن يُشَاقِقِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَإِنَّ ٱللَّهَ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ
اِھو (حُڪم) ھن سببان آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.
ذَٰلِكُمْ فَذُوقُوهُ وَأَنَّ لِلْكَٰفِرِينَ عَذَابَ ٱلنَّارِ
اھا (سزا اٿو) پوءِ ان کي چکو ۽ پڪ ڄاڻو ته ڪافرن لاءِ باھ جو عذاب آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا لَقِيتُمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ زَحْفًۭا فَلَا تُوَلُّوهُمُ ٱلْأَدْبَارَ
اي مؤمنؤ جڏھن (ويڙھ ۾) ڪافرن جي مُچي سان آمھون سامھون ٿيو تڏھن اُنھن کي پٺي ڏئي نه ڦرو.
وَمَن يُوَلِّهِمْ يَوْمَئِذٍۢ دُبُرَهُۥٓ إِلَّا مُتَحَرِّفًۭا لِّقِتَالٍ أَوْ مُتَحَيِّزًا إِلَىٰ فِئَةٍۢ فَقَدْ بَآءَ بِغَضَبٍۢ مِّنَ ٱللَّهِ وَمَأْوَىٰهُ جَهَنَّمُ ۖ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
۽ اُنھيءَ ڏينھن لڙائيءَ جي کيڏاريءَ يا (پنھنجي لشڪر جي) ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن ڀر وٺندڙ کانسواءِ جيڪو انھن کي پٺي ڏئي ڦِرندو سو بيشڪ الله جي ڏمر ھيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.
فَلَمْ تَقْتُلُوهُمْ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ قَتَلَهُمْ ۚ وَمَا رَمَيْتَ إِذْ رَمَيْتَ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ رَمَىٰ ۚ وَلِيُبْلِىَ ٱلْمُؤْمِنِينَ مِنْهُ بَلَآءً حَسَنًا ۚ إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌۭ
پوءِ کين اوھان نه ڪُٺو پر الله کين ڪٺو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي ته (اُھا) تو نه اُڇلي پر الله اڇلي، ۽ (ھن لاءِ) ته پاڻ وٽان مؤمنن کي (نعمت ڏيڻ سان) چڱي طرح آزمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
ذَٰلِكُمْ وَأَنَّ ٱللَّهَ مُوهِنُ كَيْدِ ٱلْكَٰفِرِينَ
اِھو (حال) آھي ۽ الله ڪافرن جي مڪر کي سُست ڪندڙ آھي.
إِن تَسْتَفْتِحُوا۟ فَقَدْ جَآءَكُمُ ٱلْفَتْحُ ۖ وَإِن تَنتَهُوا۟ فَهُوَ خَيْرٌۭ لَّكُمْ ۖ وَإِن تَعُودُوا۟ نَعُدْ وَلَن تُغْنِىَ عَنكُمْ فِئَتُكُمْ شَيْـًۭٔا وَلَوْ كَثُرَتْ وَأَنَّ ٱللَّهَ مَعَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
(اي ڪافرؤ) جڏھن (بدر جي لڙائيءَ جي سنبرڻ مھل ڪُفر ۽ اسلام جي سچائي پرکڻ لاءِ) سوڀ گھريوَ ته بيشڪ اوھان جي آڏو (اسلام کي) سوڀ آئي، ۽ جيڪڏھن اوھين (اسلام جي سچائي سمجھي ڪفر کان) بس ڪندؤ ته اھو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن ٻيھر (ويڙھ لاءِ) ايندؤ ته وري (اسلام کي فتح) ڏينداسون، ۽ اوھانجو لشڪر جيتوڻيڪ گھڻو ھوندو ته به اوھان کان ڪُجھ ٽاري نه سگھندو ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان (ساڻ آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَلَا تَوَلَّوْا۟ عَنْهُ وَأَنتُمْ تَسْمَعُونَ
اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اُن کان منھن نه موڙيو حالانڪ اوھين (قُرآن) ٻُڌو ٿا.
Page 1 of 4 (75 ayahs)